پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ قمبر علي شاهه جي ميلي ۾ ملاکڙي جا زبردست مقابلا

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد ويجهو بڊي ۽ ڀت جبل جي دامن ۾ مشهور بزرگ هستي حضرت سيد قمبر علي شاهه جيلاني رح جو ساليانو ميلو نئينگ شريف ۾ جاري آهي، ميلي دوران درگاهه جي سجاده نشين ايم پي اي سيد صالح شاهه جيلاني جي صدارت هيٺ سنڌ جي روايتي ثقافت ملهه ملاکڙي جا دلچسپ مقابلا ٿيا، ملهه ملاکڙي جي پهرين جوڙ ۾ پهلوان جان محمد لنڊ ۽ قربان هوتيپوٽو ۾ زبردست زور آزمائي ٿي، پهلوان جان محمد لنڊ اڳئي ۽ پوئين ملهه ماري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ٻئي جوڙ ۾ پهلوان سجاد لغاري ۽ محرم جمالي ۾ زبردست مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پهلوان محرم جمالي اڳئي ۽ پوئين ٻئي ملهون ماريون. ٽئين جوڙ ۾ پهلوان حاڪم زرداري ۽ سرمد ڪاتيار ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پهلوان سرمد ڪاتيار ٻئي ملهون ماري پنڊال ۾ ويٺلن کي تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پهلوان خادم ملاح ۽ فدا زرداري ۾ مقابلو ٿيو ته تماشائين نوٽن جي برسات وسائي ڇڏي. اهڙي ريت پهلوان امداد ملاح، اسحاق مڱڻيجو، شبير لغاري، فدا ملاح، گل بهار نوحاڻي، عبدالمجيد ڪٽوهڙ، سڪندر چانڊيو، دوست علي لغاري ۽ خادم حجم سميت 100 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن ملاکڙي دوران هڪٻئي کي ملهون ماري واهه واهه ڪرائي ڇڏي ملاکڙي جي پڄاڻي تي صالح شاهه جيلاني ۽ معزز شخصيت لطف الله بروهي ڪامياب پهلوانن ۾ انعام ورهايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button