پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر جي ڳوٺ خدابخش ڏاهري جي رهواسين زمين تي قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري سخت نعربيازي ڪئي. ڳوٺاڻن علي خان ڏاهري، استاد امام بخش ڏاهري، جان محمد ڏاهري، فضل شاهين ڏاهري، عبدالستار ڏاهري ۽ حسينه چيو ته ديهھ يارو ڏاهري ۾ 6 ايڪڙ 11 ويسا زمين آهي، جنهن جو گڏيل کاتو علي خان ڏاهري، استاد امام بخش ڏاهري، مرحرم، محمد عمر ڏاهري ۽ عورت اقپرب ڏاهري جي نالي تي آھي، سندن ڀاڻيجو محمد حسن ڏاهري اي سي شھدادپور ۽ تپيدار ديدار خاصخيلي سان ملي ڀڳت ڪري زمين جا ڪوڙا کاتا ٺاهي زمين جي ڪجهھ حصي تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، جنهن ۾ اي سي شھدادپور سندس مڪمل سپورٽ ڪري رهيو آھي، محمد حسن ڏاهري بااثر ماڻھو آھي، جنهن اسان خلاف هراسان ڪرڻ جون ڪوڙيون درخواستون ڏنيون آھن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زمين جي ماپ ڪري حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button