پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ قبا شهداد جي وچ مان روڊ ٺاهڻ لا پٿرن جي ڀرائي

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر جي تاريخي ماڳ قبا شھداد جي مالڪي ڪرڻ بدران قبرستان جي وچ مان روڊ ٺاهڻ لا پٿرن جي ڀرائي ڪرائي ڪيترن ئي قبرن کي بلڊوزر هلائي نقصان پهچايو ويو. ان سلسلي ۾ شاهپورچاڪر ۾ تقريبن 3 سئو سال کان وڌيڪ قديمي مير شهداد خان ۽ ٽالپر خاندان جي تاريخي قبرستان “قبا شھداد” جي مالڪي نه ٿيڻ سبب قبرستان جي وچ مان روڊ ڪڍڻ لا مٽي ۽ پٿرن جي ڀرائي ڪرائي وئي آهي، جنهن سان ڪيترين ئي قديمي قبرن کي مسمار ڪري قبرستان جي اصل قديمي حالت کي وڌيڪ برباد ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ڪجھه وقت اڳ سنڌ حڪومت قبرستان کي سدا واهه کان روڊ جي سهولت، چوديواري ۽ مقبرن جي اصل حالت ۾ بحالي جو اعلان ڪيو هو، پر ان تي عمل بدران قبرستان جي وچان روڊ ٺاهيو پيو وڃي. اهڙي عمل بعد شاهپورچاڪر سجاڳي فورم، سنڌي ادبي سنگت، سگا ۽ ٻين علمي ادبي توڙي سماجي ڌُرين جي اڳواڻن مذمت ڪندي چيو ته قبرستان جي وچ مان روڊ ٺاهڻ سان هن تاريخي ماڳ جي رهجي ويل حالت وڌيڪ تباهھ ٿي ويندي، اڳ ۾ ئي 16 ايڪڙ تاريخي قبرستان تي قبضا ٿي ويا آهن، باقي قبرستان 4 ايڪڙن تي وڃي بچيو آهي، هاڻ روڊ ٺهڻ سان قبرستان کي وڌيڪ نقصان ٿيندو. هنن سنڌ حڪومت، وزير ثقافت ۽ آرڪيالاجي ۽ ڊي سي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته تاريخي ماڳ جي وچان روڊ ٺاهڻ واري عمل کي روڪي اڳ جيان منظور ڪيل قبرستان ٻاهران روڊ ٺاهيو وڃي ۽ قبرستان کي چوديواري ڏئي وڌيڪ قبضن ۽ برباديءَ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button