پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پبڪ هيلٿ عملدارن جي نااهلي سبب پاڻي جي کوٽ

ميرپورخاص: ميرپورخاص شهر ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي لاپرواهي سبب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن سبب شھري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. واٽر سپلائي جي تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ آر او پلانٽ بند ٿيڻ سبب شھري پئسن تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن. پاڻي وڪرو ڪندڙ موقعي جو فائدو وٺندي 20 ليٽر واري پاڻي جي گيلن تي 10 رپيا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌپ وارو پاڻي سپلائي ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ شھرين چيو ته جڏھن کان پيئڻ جي پاڻي جو نظام پبلڪ ھيلٿ کاتي کي مليو آهي، تڏهن کان پاڻي جي سپلائي نه ھجڻ برابر آهي، ھن مھانگائي جي دور ۾ مزدوري ڪرڻ وڃون يا پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ لا نلڪن تي رش ۾ بيهي انتظار ڪريون. هنن گهر ڪئي ته شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪيترن ئي ڏينهن کان شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران برقرار آهي، رپ انتظاميا ڪو نوٽيس ناهي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button