پاڪستانسنڌ

جهڏو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرو

جهڏو: جهڏو ۾ سياسي سماجي ڌرين ميرواهه گورچاڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جسقم، ڪيو اي ٽي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن نياز کوسو، غلام نبي پتافي، لقمان لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ دڪان تي ويٺل نوجوان منور نوحاڻي کي هٿياربندن سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي ۾ 2 ماڻهو زخمي به ٿيا، ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، جيڪي مقتول ڌر کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري مقتول ڌر کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button