پاڪستانسنڌ

زرعي پاڻي بند ڪري ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن:راڄوڻي اتحاد

چمبڙ: چمبڙ شهر ۾ محمد خان ڊيشڪ جي اوطاق تي راڄوڻي اتحاد ۽ ايس ٽي پي جي اڳواڻن امداد ناريجو، محمد خان ڊيشڪ، عنايت شاھه، وارڊ نمبر 1 جي آزاد اميدوار خادم حسين ڊيشڪ، وارڊ 3 جي آزاد اميدوار غلام رسول غازي، وارڊ 4 جي آزاد اميدوار نورمحمد خاصخيلي ۽ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ محمد ڪمبوهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته پ پ بوکلائٽ جو شڪار آهي، اپوزيشن اڳواڻن ۽ آزاد اميدوارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن، اليڪشن ۾ بيٺل آزاد اميدوارن جو زرعي پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پ پ جا اميدوار ٽائون جي 4 ئي وارڊن، يوسي نصير خان لغاري ۽ يوسي راوت لغاري تي پنهنجي هار ڏسي انتقامي ڪاررواين تي لهي آيا آهن، اسان جي ووٽرن، همدردن ۽ آزاد اميدوارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته عوام پ پ اميدوارن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن حڪمران ڌر پاران انتقامي ڪاررواين جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته اسان روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪنداسين. هنن اليڪشن ڪميشن ۽ ڊي آر او کان مطالبو ڪيو ته ٽنڊوالهيار ضلعي کي حساس قرار ڏئي اليڪشن ڏهاڙي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button