ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جولاءِ ۾ پوندڙ برساتن سبب 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ برسات سبب هڪ وڌيڪ ڊيم ٽٽي ويو آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون ۽ اي ٽي ايم سروسز بند ٿي ويون آهن. رپورٽ مطابق سڄي ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پهرئين اسپيل دوران معمول کان وڌيڪ برساتون پيون آهن. ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ٽوئيٽر تي ملڪ ۾ پوندڙ برساتن جا انگ اکر جاري ڪيا. شيري رحمان پي ايم ڊي جا انگ اکر جاري ڪيا، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انتهائي وڌيڪ سراسري سان برساتن جو سلسلو جاري آهي، پهرين جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين ٻنهي صوبن ۾ 30 سالن دوران سراسري طور وڌيڪ برساتون پيون. پي ايم ڊي جي انگن اکرن ۾ پهرين جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين پوندڙ برساتن جا تفصيل ٻڌايا ويا آهن، جنهن موجب بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران 45 ڏهائي 9 ۽ سنڌ ۾ 72 ڏهائي هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close