پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارڙو گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل

نئون ديرو/لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير بخش مري روڊ وٽ 13 سالن جي شاگرد جو لاش هٿ اچڻ تي پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال آندو جتي نينگر جي سڃاڻپ 13 سالن جو علي گل پٽ امان الله راهوجو طور ٿي، جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي نينگر جي چاچي نعمت الله راهوجو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽو گذريل ڏينهن شام ڌاري پراسرار نموني گم ٿي ويو، جيڪو ڳولا باوجود هٿ اچي نه سگهيو هو. هن چيو ته نينگر جي لاش جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپو اسان اسپتال پهچي سڃاڻپ ڪئي آھي ته نينگر اسان جو آهي. هوڏانهن 13 سالن جي نينگر علي گل پٽ امان الله راهوجو جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ نوٽيس وٺي ڇڏيو. پوليس طرفان نينگر جو ڳلو دٻائي کيس قتل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ايس ايس پي طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سينيئر ۽ تجربيڪار پوليس آفيسرن انسپيڪٽر آغا شڪيل احمد پٺاڻ، ايس ايڇ او ماهوٽا سب انسپيڪٽر نادر علي ساريو ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو سب انسپيڪٽر شاهد حسين ميمڻ تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ايس ايس پي چيو آهي ته واقعي بعد لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته نينگر علي گل راهوجو جو ڳلو دٻائي کيس قتل ڪيو ويو آهي جنهن واقعي ۾ ملوث جوابدار قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا. جڏهن ته وارثن جوابدارن جي گرفتاري لا لاش رکي سکر، لاڙڪاڻو روڊ ۽ حسن واھڻ اسٽاپ بند ڪري ڇڏيو. جتي مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. هوڏانهن مظاهرين ۽ مسافرن ۾ جهڙپون پڻ ٿيون. احتجاج ۾ شامل امان الله راهوجو، نعمت راهوجو، حبدار علي، رياض حسين، گلشير، شهمير خان، بشير راهوجو ۽ ٻين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، جنهن دوران ڊي ايس پي نئون ديرو شاهجهان شاهه ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد ميمڻ مظاهرين مٿان ڏمرجي پيا ۽ انهن کي نعريبازي ڪرڻ کان روڪڻ سان گڏ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ داٻا ڏيندا رهيا.ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نينگر کي بيدرديءَ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڪالهه رات کان نئون ديرو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيون پيا، پر پوليس اسان جي فرياد داخل نه ڪئي ۽ نه ئي نينگر جي ڳولا ۾ ڪا مدد ڪئي، جيڪڏهن نئون ديرو پوليس اسان جي نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري ها ته شايد هو قتل نه ٿئي ها، پوليس اسان جي نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ 4 ڪلاڪ رلائيندي رهي، جنهن بعد بااثر جي سفارش تي اسان جي نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوليس سڀ ڄاڻي ٿي ته اسان جي نينگر کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. جڏهن ته وارثن جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button