پاڪستانڄامشوروسنڌ

حليم عادل جي جلال شاهه سان ملاقات،ايڪشن ڪميٽي جي حمايت جو اعلان

ڄامشورو :سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ڄامشوري پهچي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قيادت سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه حليم عادل شيخ ۽ پي ٽي آئي سنڌ جي اڳواڻن جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو پهچي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين جلال محمود شاهه، صدر زين شاهه، روشن علي ٻرڙو، حافظ بخشل سهيڙو، امير علي ٿيٻو ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏجاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته بلال ڪاڪا جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب حيدرآباد واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ وڳوڙ شروع ٿيا، زرداري ليگ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پي ٽي آئي قيادت تي جيڪي الزام مڙهيا آهن انهن کي رد ڪريون ٿا. سنڌ ڌرتي صوفين، بزرگن ۽ امن جي ڌرتي آهي جنهن تي وڳوڙ پيدا ڪرڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، ان ۾ ملوث ڌرين کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ اندر پيدا ٿيل صورتحال تي جيڪا جدوجهد هلائيندي، ان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي ته پي ٽي آئي ڀرپور ساٿ ڏيندي. پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه جو چوڻ هو ته پي ٽي آئي قيادت سنڌ اندر پيدا ٿيل صورتحال تي رابطي ۾ آهي. حليم عادل شيخ ڄامشوري پهچي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ترت امن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button