ڪشمور: ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش کوسو ۾ پاڻي جي واري تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 30 سالن جو غلام رباني جکراڻي موقعي تي قتل ٿي پيپ، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو. جڏهن ته نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته منهنجي ڀاءُ غلام رباني جکراڻي کي سئوٽ محمد شريف پاڻي جي واري تان سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close