پاڪستانسنڌ

ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊرائيور قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ مڪاني اليڪشن دوران ٿيل جھيڙي بعد صبح سوير ملير اسٽاپ تي ھٿياربندن مٽي کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي مٿان حملو ڪري فائٔرنگ ڪري ڏني، جنهن ڪري غالب گولو گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته قادر ۽ رحيم گولو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جنهن بعد ھٿياربند فائٔرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي جي خبر پوڻ تي اي سيڪشن پوليس ۽ گولا برادري جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ پھچي ويا، جنهن بعد زخمين ۽ مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو، جتان زخمين کي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. ٻي پاسي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لا گولا برادري جي ماڻھن ڪنڌڪوٽ با پاس انڊس ھا وي تي رکي ڌرڻو ھڻي شاھراهھ بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب سنڌ کان پنجاب، خيبر پختونواهھ ۽ بلوچستان ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي جي اطلاع تي پوليس عملدارن پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن بعد لاش ڳوٺ کڻائٔي ويا. پوليس مطابق پولنگ دوران ٿيل جھيڙي سبب هي واقعو پيش آيو آهي، جڏهن ته جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button