پاڪستانڄامشوروسنڌ

غيرقانوني پناهگير واپس اماڻي ريگيولرائيز ڪرڻ وارو بل واپس وٺو:سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو(رپورٽ:ڪي ڪي بروھي)سنڌ ايڪشن ڪميٽي بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف، غيرقانوني ترسيل افغانين ۽ پناهگيرن کي سندن ڏيهه موڪلڻ، پرڏيهين جي ڪچين آبادين کي ريگيولرائيز ڪرڻ واري بل کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي مطالبن جي مڃتا لاءِ 21 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاھه، پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاھه، جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، جيئي سنڌ محاذ سربراھه عبدالخالق جوڻيجو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سيڪريٽري ھالار رتڙ، انڊيجينيئس الائنس جي اڳواڻ خدا ڏنو شاھه، جسقم اڳواڻ ديدار شام، انڊس لائيرز فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، جيئي سنڌ محاذ (س) جي اڳواڻ آدم ٻٽ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نعيم ملڪ، زين شاھه، تاج جويو، روشن علي ٻرڙو، حيدر شاھاڻي، نواز شاھه ڀاڏائي، مير احمد مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، جنھن جا اسان سنڌي وارث آھيون، تازو حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. افغان پناھگير لکن جي تعداد ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ آباد ٿيل آھن، جنھن سبب سنڌ جي معيشيت ۽ امن امان تباھه ٿي چڪو آھي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان ۾ سنڌ سرڪار مڪمل طور سھولتڪار بڻيل آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي سرڪار، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، ووٽ، ملڪيت ۽ ڪاروبار جو حق ڏيئي، خاص طور تي ڪراچي ۾ افغان پناھگيرن جون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ريگيولرائيز ڪري سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪندي رھي آھي. گذريل ڪجھه ڏينھن کان افغان پناھگير ڪراچي جي سھراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر، ماڊل ٽائون ۽ خاص طور ٻين سنڌي آبادين، مک شاھراھن ۽ ڪاروباري مرڪزن مٿان هٿياربند جٿن جي صورت ۾ حملا ڪري رھيا آھن، جيڪا ڳالھه قابلِ مذمت آھي. سنڌ پوليس ۽ رينجرز مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، افعاني پناھگير سرعام ھٿيار ۽ افغانستان جا جھنڊا کڻي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي للڪاري رھيا آھن. ھن صورتحال ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺي کين گرفتار ڪري افغانستان واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌ ۾ سمورن ڪاروباري مرڪزن ۾ هٿياربند جٿن ۽ منشيات جي ڪاروبار کي ختم ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۽ ٻين صوبن مان سنڌ ۾ روزگار ڪندڙ ۽ رھندڙ پختونن ۽ ٻين قومن جي ماڻھن سان اسان جو ڪو تعصب ڪونھي پر ھن صورتحال ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن جي شھرين کي سنڌ ۾ روزگار ۽ مزدوري ڪرڻ جو حق ھئڻ گھرجي پر اسان سمجھون ٿا ته پاڪستان ۾ شھريت ڏيڻ جو اختيار صوبائي حڪومتن کي ھئڻ گھرجي. ان ڪري ٻين صوبن مان آيل ماڻھن کي ووٽ ، ملڪيت، خريد ڪرڻ ۽ ڊوميسائل پي آر سي جو اختيار نه ھجڻ گھرجي. اسان ٻين قومن بشعمول پختونن جي قومي قيادتن کي واضح ڪرڻ چاھيون ٿا ته اھي سنڌ جي ان جائز مطالبن ۾ سنڌ سان گڏ بيھن. اسان سمورن سنڌ دوست پرامن سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي جس ڏيون ٿا جن ھنن ڏکين گھڙين ۾ پرامن احتجاجن ذريعي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو ته غير قانوني پرڏيھين جي ڪچين آبادين کي ريگيولرائيز ڪرڻ واري سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل بل کي واپس ورتو وڃي. آبادين ۽ مين شاھراھن تي پرتشدد ڪندڙ ڪارواين ۽ حملن ۾ ملوث افغانين کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. سڄي سنڌ مان گرفتار ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button