اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صنعتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تيز رفتار بنيادن تي عورتن جي شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورتن کي معياري تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي. عورتن جي جائيداد ۽ وراثتي حقن جي حوالي سان مقامي روايتن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. قانون تحت جيڪڏهن ڪنهن عورت جي جائيداد تي قبضو ڪيو ويو هجي ته ان کي حڪومت خالي ڪرائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ايوان صنعت ۽ عورتن لاءِ واپار جي حوالي سان پشاور جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عورتون ملڪي آبادي جو تقريبن 50 سيڪڙو آهن، ڪم وارين جاين تي انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن جي جائيداد ۽ وراثتي حقن جي حوالي سان مقامي روايتن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، عورتن کي مذهب ۽ آئين موجب سمورا وراثتي حق ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته عورتن کي وراثتي جائيداد ۾ انهن جو حصو ڏيارڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته قانون تحت جيڪڏهن ڪنهن عورت جي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويو هجي ته ان کي حڪومت خالي ڪرائيندي. صدر چيو ته بئنڪون عورتن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهيون آهن. سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ، موجوده ڪاروبار کي بهتر ڪرڻ لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪن، پاڪستان ۾ عورتن جي افرادي قوت ۾ شرڪت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي جيڪا افسوسناڪ ۽ انتهائي ڳڻتي واري ڳالهه آهي. صدر چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار، واپار ۽ ٻين معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي خلاف سماجي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ لاءِ حضرت خديجه جي مثال کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هراسان ڪرڻ جي روڪٿام واري وفاقي محتسب کي عدالتن ۾ پهرين کان ٻڌڻي هيٺ عورتن جون شڪايتون ٻڌڻ جو اختيار به ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته پشاور عورت چيمبر، عورتن جي تربيت ۽ انهن جي مصنوعات جي مارڪيٽنگ لاءِ ٽيوٽا پنجاب ۽ فيس بڪ جي پروگرامن مان فائدو کڻڻ لاءِ ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ڪن. صدر چيو ته ايميزون هڪ ٻيو موثر پليٽ فارم آهي، جنهن کي ڪاروباري عورتون پنهنجي مصنوعات جي مارڪيٽنگ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close