ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ سنڌ جي سامونڊي پٽي کي خطرن کان بچاءُ لاءِ سنڌ ڪوسٽل رزيلينس پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد اسد ظفر جي اڳواڻي ۾ سيڊا جي عملدارن سان سيڊا سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي وفد چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جي بچا لاءِ ايشين ڊولپمنٽ بئنڪ اٽڪل سوا سئو ملين ڊالرس مخصوص ڪيا آهن، جنهن جي تياري لاءِ سنڌ جي آبپاشي کاتي، سيڊا، سيڪريٽري اريگيشن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان صلاحون ڪيون پيون وڃن ته ان ۾ ڪهڙيون اسڪيمون شامل ڪيون وڃن جيڪي مستقبل ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي توڙي اتي جي رهواسين کي پيش ايندڙ خطرن کي گهٽ يا ختم ڪري سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close