اسلام آبادپاڪستان

ادارن سان 30 سالن جو واسطو آهي،تنقيد ڪندڙن جي حمايت نٿو ڪري سگهان:چوڌري شجاعت

لاهور : ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ بيان سامهون اچي ويو. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي منهنجو اميدوار هو، آهي ۽ رهندو پر پي ٽي آءِ جو اميدوار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته مان تنقيد ڪندڙن جي حمايت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ادارن سان 30 سالن کان لاڳاپا رهيا آهن، ادارن سبب پاڪستان ۾ استحڪام آهي. سندس چوڻ هو ته سڀني جماعتن جا ليڊر پنهنجا ذاتي مفاد پاسي تي رکي ملڪ کي وڌيڪ بحرانن جو شڪار ٿيڻ نه ڏين، سياسي مخالفت کي ذاتي مخالفت بڻائي غلط مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪن. چوڌري شجاعت حسين چيو ته جنهن کي به اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ملي اهو سياسي مخالفن وٽ وڃي. ملڪ جي بهتر مفاد لاءِ گڏجي مشاورت سان اڳتي وڌجي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button