اسلام آبادپاڪستان

اسٽيبلشمينٽ جي “نرم مداخلت” حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين جو امڪان

اسلام آباد :حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي “نرم مداخلت” ذريعي جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ ۽ آڪٽوبر ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. 17 جولاءِ تي ٿيندڙ پنجاب جي ننڍي چونڊ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام تمام گهرو ٿي ويو آهي، جنهن جا ملڪي معيشت تي به ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي ۽ معاشي استحڪام کي ڏسندي اسٽيبلشمينٽ ماضي جيان سياستدانن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو سياستدانن کي ئي ڪرڻو آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي غير مشروط مداخلت کانپوءِ ڌرين ۾ جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آڪٽوبر ۾ عام چونڊن جا امڪان واضح ٿيڻ لڳا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 25 مئي تي عمران خان جي اسلام آباد مارچ دوران به اسٽيبلشمينٽ سياستدانن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو هو پر بدقسمتي سان ان وقت هاڪاري ڳالهيون نه ٿي سگهيون. ان حوالي سان ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي پريس ڪانفرس به وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن ۾ هن واضح طور چيو ته ماضي ۾ اسان کي ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي ڌڪيو ويو پر هاڻ اسان کي زبردستي چونڊن ڏانهن نه ڌڪيو وڃي ۽ سياستدانن کي سياست ڪرڻ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button