پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، اهم ڪمانڊر گرفتار

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ اهم ڪمانڊر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي 2 آپريشن ڪيا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ هاءِ ويليو دهشتگرد ڪمانڊر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگرد ڪمانڊر سان گڏ 3 ٻيا دهشتگرد به گرفتار ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻئي آپريشن ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، بم گولا ۽ آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون، مارجي ويل ۽ پڪڙيل سمورن دهشتگردن جو واسطو حافظ گل بهادر ٽولي سان هيو. آءِ ايس پي آر موجب هي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن، ڀتي خوري ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button