اسلام آبادپاڪستانسنڌ

وفاق ڏکئي وقت ۾ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم وفاقي ادارن کي سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ برساتي آفتن دوران مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم کي صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هيٺاهين وارن علائقن جي ماڻهن جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. وزير اعظم سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نالي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته وفاق ڏکئي وقت ۾ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته لاڳاپيل ادارن جي بچاءَ ۽ امدادي ڪمن جي موثر نگراني ڪن. وزيراعظم جي هدايت تي چيئرمين اين ڊي ايم اي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري تازو برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن موجب صورتحال هن وقت صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آهي. اين ڊي ايم اي وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، اين ڊي ايم اي سنڌ حڪومت کي وڌيڪ تعاون جو يقين ڏياريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button