اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان سان حڪومت وائکي ٿي وئي:عمران خان

اسلام آباد:تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان سان حڪومت جي سياست وائکي ٿي وئي.اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، فرخ حبيب شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ اڳتي جي سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.اجلاس دوران عمران خان چيو ته پنجاب جي واقعن سان حڪومت جي سياست وائکي ٿي وئي. قوم سان گڏجي انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته شريف ۽ زرداري ڳٺ جوڙ ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي مسئلن جو واحد حل بنا دير شفاف چونڊون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button