اسلام آبادپاڪستان

ادارن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ادارن جو ٺيڪيدار نه بڻجي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير اورنگزيب پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فوج ۽ عدليا کي سياست ۾ گهيلڻ بند ڪيو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ادارن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ادارن جو ٺيڪيدار نه بڻجي، اقتدار ۾ واپسي لاءِ عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي به آئين ۽ قانون سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين، عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته 4 سال حڪومت هلائڻ لاءِ ادارن ۽ ايجنسين جي مدد ورتي. اسان ڪنهن کي ڌمڪي ۽ گارگند سان انصاف جو قتل ڪرڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جو بيانيو آئين جو بيانيو آهي ۽ رهندو. عمران خان جو نشانو ادارا آهن ۽ انهن جي قيادت کي عهدن تان لاهئڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو ٻاهرئين ملڪ جي سازش جو بيانيو دفن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو بيانيو شروع ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button