پاڪستانسنڌ

سنڌ ٻڏل آهي، وزير فوٽو سيشن ۽ بيانن ۾ مصروف آهن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ ڪيترن ئي ڏينهن کان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ريسڪيو آپريشن ۽ رين ايمرجنسي رڳو تصويرن ۽ جعلي بلن تائين محدود آهي. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ڊويزن جا سمورا شهر ۽ سمورا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. اڪثر وزير فوٽو سيشن، بيانن، آرام ۽ ٽوئيٽس ۾ مصروف آهن. ڪاروبار تباھه ٿي ويا آهن.

بجلي، گيس، ريسڪيو، ڪي ڊي اي، واسا، ايڇ ڊي اي، ڪي ايم سي، ايڇ ايم سي، ٽريفڪ اهلڪار، انتظاميه سڀ غائب آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته 14 سالن کان ڪرپٽ ماڻھن جو سنڌ جي اقتدار تي قبضو آھي. اھي ھر دفعي پئسي جي طاقت تي اليڪشن مينيج ڪري اقتدار ۾ اچي عوام جي دولت تي ڌاڙا ھڻن ٿا. بلدياتي نظام ذريعي ڳوٺن، ڪالونين ۽ شھرن کي ڊرينيج، رستا، پاڻي، پارڪ ۽ گھٽيون ٺاھي ڏيڻ بدران اربين روپيا لٽي کائي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button