پاڪستانسنڌ

آصف زرداري ذاتي دوري تي دبئي ويو، پي ٽي آءِ وارا پروپيگنڊا پيا ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه لوٽا جيڪي پي ٽي آءِ ۾ آهن، اها انهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي ذاتي دوري تي دبئي ويو آهي. هن چيو ته ھو پنهنجي سالگرھه ڏوهٽي ۽ ڪٽنب سان ملهائڻ لاءِ دبئي ويو آهي، پي ٽي آءِ جا ليڊر پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، اها انهن ماڻهن جي عادت بڻجي چڪي آهي. ملڪ مان ڀڄڻ ۽ ماڻهن کي ڀڄائڻ پي ٽي آءِ جي ماڻهن جي عادت آهي. هن وڌيڪ چيو ته فرح گوگي بني گالا جو ڪچن هلائيندي هئي، فرح گوگي اڳوڻي وزيراعظم جي بيگم سان ملي ڪري جيڪي ڪارناما ڪيا، پنجاب ۾ ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ زمينن جي الاٽمينٽ ۾ اربين روپيا لٽيا.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فرح گوگي ۽ سندس مڙس کي هنن ماڻهن ملڪ مان ڀڄايو، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ فرح گوگي ۽ سندس مڙس کي وٺي اچن، صدر آصف علي زرداري پنهنجي شيڊول موجب واپس ملڪ موٽي ايندو. صدر آصف علي زرداري پهريان به ملڪ ۾ ويھي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي الله تعاليٰ همٿ ڏني آهي، ملڪ ۾ رهي سمورين شين کي منهن ڏيندا آهن. پي ٽي آءِ جي رهنمائن وانگر ناهن. فرح گوگي جا ڪارا ڪارناما سامهون آيا ته هن کي رات جي پھر ۾ ٻاهر ڀڄايو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت حالتن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ وانگر ناهي ته ادارن تي تنقيد ڪري، بليڪ ميل ڪري ۽ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري. هن چيو ته هڪ زرداري، پي ٽي آءِ تي ڀاري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button