پاڪستان

آصف زرداري 11 سال جيل مان نه ڀڳو ته هاڻي ڇو ڀڄندو؟: بختاور ڀٽو

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دبئي رواني ٿيڻ تي سندس ڌيءُ بختاور ڀٽو زرداري جو سوشل ميڊيا تي بيان سامهون اچي ويو آهي. گذريل ڏينهن آصف زرداري پرڏيهي ايئرلائن ذريعي دبئي روانو ٿيو ته سوشل ميڊيا تي دبئي ٽاپ ٽرينڊ ۾ اچي ويو. سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان حيرت جو اظهار ڪيو ويو ته ملڪ جي موجوده صورتحال باوجود آصف زرداري دبئي ڇو ويو آهي؟ بعد ۾ بختاور ڀٽو زرداري انهن خبرن تي رد عمل ڏيندي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو. بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سواليا انداز ۾ چيو ته آصف زرداري 11 سال جيل مان نه ڀڳو ته هاڻي ڇو ڀڄندو؟ هن چيو ته آصف زرداري هر دور ۾ عدالتن کي منهن ڏنو، ڊڪٽيٽرن سان مهاڏو اٽڪايائين پر هو ملڪ مان نه ڀڳو. بختاور ڀٽو دبئي وڃڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته آصف زرداري پنهنجي ڏوهٽي جو پهريون جنم ڏهاڙو ملهائڻ دبئي پهتو آهي، هو پنهنجي ڏوهٽي سان وقت گذارڻ هتي آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button