واهي پانڌي: کيرٿر جابلو پٽي ۾ مسلسل برساتن کان پوءِ نئين گاج سميت ننڍيون وڏيون نئيون نئين انگئي، نئين نلي ۽ نئين تڪي سميت ٻيون نيون تار وهي آيون، جڏهن ته گاج جي وهڪري سبب ٻٽين مورين وٽان واهي پانڌي روڊ مختلف هنڌن تان ٽٽي پيو، جنهن ڪري نئين گاج جي تيز وهڪري سبب واهي پانڌي ۽ تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جو زميني رابطو جوهي دادو کان مڪمل طور ڪٽجي ويو. جڏهن ته نئين نلي جي تيز وهڪري سبب واهي پانڌي لڳ ڪمواڻي پاڙو، گاهياڻي محلا، ڳوٺ مٺو خان رستماڻي، فتح خان رستماڻي، صاحب خان لغاري، عرس لغاري، غلام علي رستماڻي سميت ٻين ڳوٺن کي پاڻي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب ڪچا گهر ڪري پٽ پئجي ويا. ٻي طرف ڪاڇي جي سوين ڳوٺن ڇني، ساوڙو، بهليل شاھه، پيرگاجي شاہه، ٽنڊو رحيم خان، ڊرگھه بالا، حاجي خان، مريد ديرو، هيرو خان، فتح بروهي، سيوو جمالي، سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو هيڊڪوارٽر دادو کان ڪٽجي ويو. هوڏانهن نئين گاج جي وهڪري سبب ڪاڇي جي يوسي ڊرگھه بالا، يوسي ڇني، يوسي ساوڙو جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، نئين گاج جي زد ۾ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مٿانهين وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، جتي ڪاڇي واسي بي يارو مددگار بڻيل کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ ريسڪيو نه ٿيڻ ڪري ڪاڇي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته متاثر ڳوٺن ۾ پڻ کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جوهي ايف پي بند کان اولهھ طرف مڪمل ڪاڇو ٻوڏ جي زد ۾ آهي، ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جا روڊ رستا نئين جي وهڪري سبب لڙهي ويا آهن. ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جا جوان به جوهي ايف پي بند تي پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺن ڏانهن روڊ رستا نه هجڻ سبب امدادي ڪارروايون شروع نه ٿي سگهيون آهن. ٻي پاسي ايف پي بند تي امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڪاڇي جي متاثر ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي متاثر ڳوٺن تائين هيلي ڪاپٽر توڙي ٻيڙين ذريعي واهر ڪري زندگيون بچايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close