اسلام آبادپاڪستان

فرحت الله بابر طرفان سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد :پ پ جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر ججن جي مقررين ۽ پروموشنز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. فرحت الله بابر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد کي سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته پارليامينٽ ميمبر ۽ پي ڊي ايم وارا آئين جو آرٽيڪل 191 پڙهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ عدالتي ڪارروائي جو طريقي ڪار طئي ڪندي آهي. هوڏانهن پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، فرحت الله بابر جو ٽوئيٽ ري ٽوئيٽ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button