عالمي

بنگلاديش به آءِ ايم ايف کان ساڍا 4 ارب ڊالر قرض گهري ورتو

ڍاڪا: بنگلاديش عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ساڍا 4 ارب ڊالرز قرض گهري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جو ڪرنٽ خسارو 11 مهينن دوران 17 ڏهائي 20 ارب ڊالر رهيو ۽ بنگلاديش پرڏيهي ادائيگين ۽ بجيٽ سپورٽ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض گهريو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ ڊالر قرض تي وياج نه هوندو جڏهن ته ٽي ارب ڊالر تي ٻه سيڪڙو وياج هوندو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊسمبر ۾ اسٽاف ليول معاهدو ٿيو ۽ جنوري ۾ معاهدو بورڊ جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button