پاڪستانسنڌ

بلوچستان ۾ عمرڪوٽ جا 70 پورهيت برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پيا

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ کان مزدوري لا بلوچستان ويل عورتن ۽ ٻارن سميت 70 ماڻهو لسٻيلو ۾ برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پيا، واهر نه ٿيڻ خلاف سندن وارثن عمرڪوٽ ۾ احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ مان مزدوري لا بلوچستان ويندڙ اوڏ برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت 70 ماڻهو لسٻيلو جي ڳوٺ سردار رسول بخش ويجهو برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پيا، جن جي انتظاميا ڪا به واهر ناهي ڪئي، جنهن خلاف عمرڪوٽ ۾ سندن اوڏ برادري سان واسطو رکندڙ مائٽن ھيرالال اوڏ، جيوراج اوڏ، ھوندراج اوڏ، کيمچند اوڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جا 70 کان وڌيڪ ماڻهو مزدوري خاطر بلوچستان وڃي رهيا ته وچ ۾ تيز برسات پوڻ ڪري لسٻيلو جي ڳوٺ سردار رسول بخش ويجهو برساتي پاڻي جي وهڪرن ۾ ڦاسي پيا آهن. هنن چيو ته برسات گهڻي پوڻ ڪري غريب مزدورن کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، معصوم ٻار بکن ۾ پاهھ ٿي دانهون ڪري رهيا آهن، زندگيون خطري ۾ آهن. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان جي علائقي لسٻيلو ۾ ڦاٿل مزدورن جي واهر ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button