سنڌ

ڪراچي ۾ ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش،پوليس جي فائرنگ،3 عورتون زخمي

ڪراچي ۾ انتظاميا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لا پهچي وئي،مزاحمت ڪندڙ علائقي واسين تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي،3 عورتون زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي غيرقانوني قرار ڏئي عمارتون ڊاهڻ دوران عملي ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿي پيون، ائنٽي ڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان عمارتون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته رهواسين مزاحمت ڪئي، پوليس ڳوٺاڻن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران 3 عورتون زخمي ٿي پيون، علائقي واسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ائنٽي انڪروچمينٽ عملو ۽ پوليس بنا جواز تنگ ڪري رهي آهي، پهرين دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا. علائقي واسين موجب هاڻي وري رهائشي عمارتون به ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڳوٺ ۾ ورهين کان رهندڙ سوين خاندانن کي بيگهر ڪرڻ نه ڏنو ويندو. علائقي واسين حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button