پاڪستانسنڌ

پنگريو ۾ فوتي عورت جي وارثن جو انصاف لا احتجاج

ڪلوئي: ٽنڊوباگو لڳ پنگريو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالخالق آرائين ۾ 15 ڏينھن اڳ عورت جاجو ڪولھڻ جو لاش تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو آندو ويو هو، جتي سندس مڙس نارائڻ ڪولھي موقف اختيار ڪيو ھو ته زال جاجو آپگھات ڪيو آُھي. ٻئي پاسي فوتي جوان عورت جاجو ڪولھڻ جي ما چوٿي ڪولھڻ، پي چٿرو ڪولھي، ڀيڻ سنيتا ٻائي، چاچي نارائڻ ڪولھي، ڪيول ڪولھي، رامچند ڪولھي، سمجھو ڪولھي، ھيمون ڪولھي ۽ گومي ڪولھڻ ميڊيا سينٽر پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن الزام ھڻندي چيو ته اسان ٽي سال اڳ نياڻي جي شادي نارائڻ ڪولھي سان ڪرائي، جاجو کي 15 ڏينھن اڳ اسان جي ناٺي نارائڻ ۽ سندس پي والجھي ڪولھي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي جاجو کي قتل ڪري خون لوڙھڻ لا پنگريو پوليس سان ملي ڀڳت ڪري آپگھات جو رنگ ڏنو، اسان کي يقين آهي ته جاجو ڪولھڻ کي قتل ڪيو ويو آهي، هن خودڪشي ناهي ڪئي. نارائڻ پنھنجي پي والجھي ڪولھي سان ملي ڪري جاجو کي قتل ڪري ڪيس خراب ڪرڻ لا پوليس کي وڏي رشوت ڏني آهي. ھنن گھر ڪئي ته جاجو جي مڙس نارائڻ ۽ سندس پي والجھي ڪولھي کي گرفتار ڪري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button