پاڪستانسنڌ

ترائي راڻاسر تي انتظاميا تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام

چيلهار: ٿر جي مشھور ترائي راڻاسر تي انتظاميا ڪي به سهولتون نه ڏئي سگهي، گهمڻ آيل سياح پريشان ٿي ويا. ان سلسلي ۾ چيلھار شھر ويجھو مشھور راڻاسر ترائي تي ضلعي انتظاميا ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي، جنهن سبب سياح پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. مٺي-عمرڪوٽ مين روڊ کان صرف اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي راڻاسر ترائي ھجڻ باوجود روڊ نه ٺاهيو ويو آهي، برساتن بعد گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پوڻ معمول بڻجي ويو آهي. رهواسين چيو ته ترائي تفريح ماڳ آهي، ان باوجود انتظاميا سياحن لا ڪا به سهولت ناهي ڏني. هنن گهر ڪئي ته ترائي راڻاسر تي روڊ سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button