عالمي

راهول گانڌي پارليامينٽ جي 50 ميمبرن سوڌو گرفتار

نئين دهلي: ڀارتي مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي کي دهلي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. نئين دهلي ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي کي پارٽي سربراهه سونيا گانڌي جي جاچ اداري ۾ پيشي خلاف احتجاجي ڌرڻو هڻڻ تي پوليس طرفان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. راهول گانڌي سميت احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل 50 کان وڌيڪ ڪانگريس جي پارليامنٽ ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي راهول گانڌي جو چوڻ هو ته مودي جي حڪومتي دور ۾ ڀارت هڪ پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button