اسلام آبادپاڪستان

يو ايس ايڊ جو پاڪستان ۾ ويڪسينيشن لاءِ 20 ملين ڊالر ڏيڻ جو واعدو

اسلام آباد :قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ويڪسينيشن لاءِ اضافي طور تي 20 ملين ڊالر جو واعدو ڪيو آهي. آمريڪي سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول به پاڪستان ۾ بيمارين جي ڊيٽا سيٽر جي مضبوطي لاءِ صحت واري اداري جي مدد ڪندو. اڱاري تي صحت واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هيلٿ ڊائلاگ جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا صحت جي شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته وبائي مرض ۽ صحت جي تحفظ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ آمريڪا سهڪار اهم آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن پاڪستان ۾ بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ سينيٽر جي جوڙجڪ ۽ ترقي لاءِ گڏيل ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪووڊ-19 وبا دوران پاڪ آمريڪا سهڪار سان صحت جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون جو پتو پوي ٿو. سندس چوڻ هو ته صحت جي شعبي ۾ پاڪ آمريڪا تعاون، بيمارين ۽ وبا جي خلاف ڍال سان قيمتي انساني حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. بيمارين جي ڪائي سرحد نه هئڻ سان وبا ڪنهن خاص ملڪ لاءِ نه پر پوري خطي لاءِ چئلينج ٿيندي. صحت واري وزير چيو ته پوليو جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪاميابي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت اهم آهي. پاڪستان عالمي صحت جي تحفظ بابت ايجنڊي تحت پنهنجي بارڊر هيلٿ ايجنسي کي مضبوط ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڌرين، ڄاڻ، طبي مهارت ۽ مرضن تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهترين عملي قدمن جي ڏي وٺ جي عزم جو به اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي ڪرونا وبا تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ جوعزم ظاهر ڪيو آهي. عبدالقادر پٽيل آمريڪا پاران ويڪسين جون 6 ڪروڙ 15 لک خوراڪون ۽ ٻارڙن لاءِ هڪ ڪروڙ 60 لک ويڪسين جي خوراڪن جي فراهمي تي شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button