پاڪستانسنڌ

سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جي ذميوار پ پ آهي: زين شاهه

ڄامشورو: ڄامشورو ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس مرڪزي صدر سيد زين شاهھ جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو. اجلاس بعد سيد زين شاھه، روشن علي ٻرڙو، اعجاز سامٽيو، جڳديش آھوجا، اميرآزاد پنھور، آغا قمر مشواڻي، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، جبار اسلامي، خواجا نويد، مختيار احمد ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سن ۾ سيد بدر زمان شاھه جي زمين تي سرڪاري سرپرستي ۾ قبضو ڪرڻ ۽ حملو ڪري 7 ڄڻن زخمي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هنن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڄامشورو مان گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا ۽ گُھر ڪريون ٿا ته حليم عادل شيخ کي آزاد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ جنرل اليڪشن 2023ع ۾ ملڪي سطح تي اتحاد جوڙي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياست کي ڪاروبار بنائيندڙن کي شڪست آئي آھي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ ملڪ جو اعليٰ ادارو آھي، انھيءَ تي تنقيد ڪندڙ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رھيا آھن ۽ ملڪ ۾ انتشار واري صورتحال پيدا ڪري رھيا آھن. ايس يو پي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي آبادين کي ڊاھڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي جي بلڊر مافيا آھي، جيڪا سنڌي آبادين کي لڏرائي زمينون ڌارين کي ڏيڻ چاھي ٿي، غازي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد ۽ گھر ڊاھڻ جي مزمت ڪندي آگسٽ جي پھرين ھفتي ۾ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button