ڪراچي: اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت گرفتار ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن با اختيار ادارو آهي، حليم عادل شيخ کي زمينن تي قبضن تي اينٽي ڪرپشن گرفتار ڪيو آهي. صوبائي وزير، حليم عادل شيخ کي آفر ڏيندي چيو ته، جو سرڪاري زمينن ۽ عام ماڻهن جا پيسا واپس ڪري تہ اينٽي ڪرپشن کيس آزاد ڪري ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس جي ڏينهن وزيراعليٰ سنڌ جي زڪوات ۽ عشر بابت صلاحڪار فياض ٻٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر گھنور اسراڻ سان گڏ سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت حليم عادل تي ڪائي سختي ناهي ڪئي ڪالهھ سوشل ميڊيا تي تصويرون آيون آهن جنهن ۾ ھو ته ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ دوستن سان گپ شپ ڪندي نظر آيو آهي ۽ ڪڙهايون کائيندا رهيا. هن چيو ته اسان هڪ واويلا ڏسي رهيا آهيون، هي پي ٽي آئي پاران صرف بھتان بازي آهي. سنڌ حڪومت ڪنهن تي هڪ به ڪوڙو ڪيس ٺاهيو هجي،ته ٻڌايو وڃي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي انتقامي ڪارروائين تي يقين ناھي رکندي جيڪو شخص گرفتار ٿيو آهي، ان تي زمينن تي قبضن ۽ هائوسنگ سوسائٽي ٺاهڻ جو ڪيس آهي جنھن جو عدالتون ئي فيصلو ڪنديون. جيڪڏهن هي الزام غلط آهن ته اچي ڪري ڳالهائين. اسان به ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، اسان به جيلن کي ڀوڳيو آهي. هن چيو ته هن ڪيسن جي عمران خان پاڻ اچي ڪري انڪوائري ڪري يا ڪا ٽين ڌر تحقيقات ڪري تہ حليم عادل شيخ جي خلاف ڪيس درست آهن يا نه. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان سنڌ ڀلي اچي، پر سنڌ کي فتح ڪرڻ جا خواب پنھنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏي. عمران خان پھرين سنڌ ۾ پنهنجا مڪاني چونڊن ۾ اميدوار ته پورا ڪري. عمران خان ۽ پي ٽي آئي پنهنجي ذھنن مان مٽائي ڇڏين ته سنڌ جا ماڻهو انھن کي پنهنجو مينڊيٽ ڏيندا. سنڌ جو عوام باشعور آهي، هن تعصب واري شخص کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندي. هي شخص جڏهن وزيراعظم جي عهدي تي هو ته هڪ رات به سنڌ ۾ نه گذاري ۽ نه ئي وري وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي ڪو منصوبو ڏنو. هن چيو ته ٻڌو آھي ته پنجاب حڪومت کي هلائڻ لاءِ واٽس گروپ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ بني گالا جي هڪ عورت، فرح گوگي ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي شامل ڪيو ويو آهي. هن گروپ جي ذريعي پنجاب ۾ رشوت وٺي بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فرح گوگي جي ڪرپشن جا پيسا پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ ويندا آهن. جتان کان پوءِ ادارن ۽ انھن جي سربراھن جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ تي خرچ ڪيا ويندا آهن. صدر آصف علي زرداري بابت سوال تي هن چيو ته انھن کي ڪووڊ ٿيو آهي، هو ويڪسينيٽڊ آهن، صدر آصف علي زرداري جي طبيعت بھتر آھي. اسين سندس جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. جلد صحتياب ٿي ڪري پاڪستان ايندا ۽ جڏهن پاڪستان پهچندا ته عمران خان جون ننڊون حرام ٿي وينديون. هن چيو ته پي ٽي آئي جو ليڊر سڀ کان وڏو چور آهي، جنهن دوست ملڪن مان مليل تحفا ۽ گھڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون. هي شخص هاڻي به لاڏلو بڻيل آهي ۽ پي ٽي آئي کي لاڏلي پارٽي ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ ھڪ جھڙو ھئڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين هن ملڪ مان ٻٽي معيار جو خاتمو ۽ انصاف سڀني لاءِ برابر نٿو ٿئي، پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتون پنهنجي جدوجهد جاري رکنديون. هن چيو ته عمران خان اليڪشن ڪمشنر کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي ته جيئن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو روڪرائي سگھي. هي اهي ئي اليڪشن ڪمشنر آهن، جن جون تعريفون عمران خان پاڻ ڪندو رهندو هو. ھن چيو ته عمران خان جهڙو ڪوڙو شخص غلامي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هي پاڻ غلامي قبول ڪري اقتدار ۾ آيا هئا، چار سال تائين غلام ٿي ڪري حڪومت هلائيندا رهيا. برساتن بابت هن چيو ته پوري صوبي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته صرف ڪراچي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مون سون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي وزير اعليٰ سنڌ سمورن ضلعن ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ۽ خاص مددگارن جون امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ ڊيوٽيون لڳايون هيون. وزير اعليٰ هر ڪنهن سان رابطي ۾ آهن ۽ جتي به مشينري يا ٻئي امدادي سامان جي ضرورت هوندي آهي، پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close