عمرڪوٽ: عمرڪوٽ شهر جي مک بازارن ۾ روڊ جي وچ ۾ بيٺل سبزي ۽ فروٽ جي ريڙهن سبب شهر ۾ غيرقانوني حددخلين جو آزار وڌي ويو. عدالتي حڪم تي گاڏا هٽايا ويا. اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي عملي ۽ پوليس سان گڏ وچ بازار ۾ بيٺل ريڙها هٽايا، جنهن بعد ريڙها ايسوسيئيشن جي سڏ تي ميونسپل ڪميٽي انتظاميا خلاف ڪيترن ئي پورهيتن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ميونسپل عملو دڪاندارن طرفان غيرقانوني قائم ڪيل حددخليون هٽائڻ بدران اسان جا گاڏا هٽرائي روزگار کسي رهيو آهي، هر روز حددخليون هٽائڻ بهاني تنگ ڪيو ٿو وڃي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي. ٻئي پاسي شهرين ٻڌايو ته ريڙھن وارا روڊ بلاڪ ڪري بيٺا هوندا آهن، جنهن ڪري سول استپال ايندڙ مريض پھچندي پھچندي فوت ٿي ويندو آهي. ان سلسلي ۾ انڪروچمينٽ آفيسر چيو ته عمرڪوٽ شهر جي مک بازارن جي وچ ۾ سبزي ۽ فروٽ جي گاڏن سبب ماڻهو پنڌ به نٿو هلي سگهي، عدالتي حڪم تي ريڙها هٽايا آهن، پورهيت بليڪ ميلنگ ڪري روڊ بند ڪري ماحول خراب ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close