ڏاهلي: ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڀوتيو جو رهواسي 30 ورهين جو نوجوان اقبال ولد دودو پاڻي جي تلا ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو، جنهن بعد نوجوان جو لاش ڇاڇرو اسپتال آندو ويو. نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان پيئڻ جو پاڻي ڀري رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب تلا ۾ ڪري پيو، ڳوٺاڻن نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، پر ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close