اسلام آبادپاڪستان

شيري رحمان لائم اسٽون جي معاهدي ۽ سيمنٽ پلانٽ لڳائڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان شڪوال ضلعي جي تعلقي چوه سيدن شاهه ۾ سالٽ رينج نيچر ريزور ڪمپليڪس ۾ لڪي سيمنٽ پرائيويٽ لميٽيڊ طرفان لائم اسٽون جي متوقع معاهدي ۽ 10 هزار ٽي ڊي پي سيمنٽ پلانٽ لڳائڻ جو نوٽيس ورتو آهي، ڄاڻايل سيمنٽ پلانٽ جي ذريعي ڪچي مال جي بلاسٽنگ ۽ کوٽائي سان علائقي ۾ حياتياتي واڌ ويجهه کي خطرو ٿيندو، وڌيڪ مقامي هارين، رهواسين ۽ ٻيلن جي محافظن ۾ خوف ڏٺو وڃي ٿو، ضلعي ۾ پهرين موجوب 5 سيمنٽ پلانٽس کانسواءِ ڄاڻايل پلانٽ زمين اندر پاڻي جي ذريعن کي تيزي سان ختم ڪري رهيا آهن جڏهن ته هي خطو شدت سان برساتن تي ڀاڙي رهيو آهي ۽ ان قدم سان علائقي کي پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهجي ٿو، اپريل 2022ع تي پنجاب حڪومت جي ٻيلي کاتي، وائلڊ لايف اينڊ فشريز طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هي علائقو آر اريزرو فاريسٽ، پريرا ريزرو فاريسٽ ۽ دلجبه ريزرو فاريسٽ جي 1200 ايڪڙ جي قدرتي ذخيرن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا ۽ حيوان موجود آهن، پنجاب جي گورنر طرفان اعلان ڪيل پنجاب پروٽيڪٽيڊ ايرياز ايڪٽ 2020 (2020 جو (XXIII جي سيڪشن 8 تحت جهنگلي جيوت جو شڪار ڪندڙ وڻن جي ڪٽائي يا ٽيپ ڪرڻ، پوکي لاءِ زمين صاف ڪرڻ ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙين سرگرمين جي سختي سان منع ٿيل آهي، وفاقي وزير زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان کي حيياتي واڌ ويجهه جي نقصان، گدلاڻ ۽ ماحولياتي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال گرمي جي شديد لهرن سبب ڪيترائي هزار ايڪڙ قيمتي ٻيلن کي نقصان پهتو آهي، اسان کي اهڙا قدم کڻڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي جنهن سان نقصان پهچي، پاڪستان ۾ ٻيلن جو 6 سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي جيڪو موسمياتي تبديلي تباهه ڪن اثرن سان وڙهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، صنعت قدرتي ذخيرن کي خطرن ۾ وجهڻ بدران سطح جي کاڻين جي کوٽائي لاءِ ٻيون جايون تلاش ڪري سگهي ٿي.، وفاقي وزير پنجاب انوائر مينٽل پروٽيڪشن ايجنسي تي زور ڀريو آهي ته هو احتياط سان ڪم وٺن ۽ گهرائي سان جائزو وٺن ته جيئن هي يقيني بڻائي سگهجي ته ان صنعتي سرگرمين سان محفوظ علائقن ۽ ماڻهن جي ذريعي معاش سان گڏوگڏ انهن جي قدرتي سرمائي جي خلاف ورزي به نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button