اسلام آبادپاڪستان

مذهبي نفرت روڪڻ لاءِ آن لائن فورمز جي نگراني ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته محرم الحرام ۾ جلسن ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وينديون. هن چيو ته محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ آن لائن پليٽ فارمز جي سخت نگراني ڪئي ويندي. واضح رهي ته ملڪ ۾ پهرين محرم الحرام آچر 31 جولاءِ تي هوندو. جڏهن ته عاشوري جو ڏينهن 9 آگسٽ اڱاري تي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button