اسلام آبادپاڪستان

مشعال ملڪ جو ياسين ملڪ بابت نريندر مودي جي نالي خط

اسلام آباد :ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين ۽ حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري (زال) مشعال ملڪ چيو آهي ته ياسين ملڪ کي قيد دوران ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري ڀارتي حڪومت تي ايندي. هن اها ڳالهه ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي نالي لکيل هڪ خط ۾ چئي اهي. مشعال ملڪ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي، ته سندس گهروارو (مڙس) ياسين ملڪ هن وقت ڀارتي جيل ۾ آهي. ياسين ملڪ ڪشميرين جو آواز آهي، عدالتي ٽرائل ۾ ناانصافي ۽ عمر قيد جي سزا کان پوءِ ياسين ملڪ بک هڙتال تي آهي. هن لکيو آهي ته ياسين ملڪ خلاف جاري ٽرائل ناانصافي ۽ جمهوري نظام جي ابتڙ آهي. مسلسل قيد، تشدد ۽ ٽارچر سبب ياسين ملڪ کي ڪيتريون بيماريون ٿي پيون آهن. ڪيس جي تاريخ دوران ياسين ملڪ ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ موجود هئڻ جي درخواست ڪئي پر ڀارتي اختيارين سندس موجودگي کان سواءِ جرح ڪئي، جنهن مان بظاهر لڳي ٿو ته ياسين ملڪ خلاف هڪ طرفو ٽرائل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نريندر مودي کي درخواست آهي ته هو ان معاملي جو نوٽيس وٺي. هن لکيو آهي ته ڪشميري گڏيل قومن جي قراردادن مطابق جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ياسين ملڪ کي قيد دوران ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري هندستاني حڪومت تي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button