پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ آگسٽ ۾ پڻ غير معمولي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسمياتي تجزئي نگار ايندڙ مهيني به ڪراچي ۾ غير معمولي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ چيو آهي ته چوماسي سيزن ۾ جولاءِ جيان آگسٽ ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 12 کان 14 آگسٽ دوران تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون ۽ آگسٽ مهيني ۾ 3 کان 4 مضبوط سسٽم سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته جولاءِ مهيني ۾ ڪراچي ۾ غير معمولي برساتون پيون هيون، موسميات کاتي انگن اکرن ۾ ٻڌايو هو ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 85 ملي ميٽر برسات مسرور بيس ۾ رڪارڊ ٿي، جنهن سان مسرور بيس ۾ برسات جو 55 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو، مسرور بيس تي 1967 ۾ 509 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button