پاڪستان

مني لانڊرنگ ڪيس: وزيراعظم ۽ حمزا شهباز فرد جرم لاءِ عدالت طلب

لاهور: لاهور جي عدالت ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو. لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. شنوائي دوران حمزا شهباز جي وڪيل سندس ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ڪالهه شهباز شريف اسلام آباد ۾ سرڪاري ميٽنگز ۾ مصروف هو، گذريل رات اسلام آباد کان لاهور اچڻ لاءِ تيار هو پر موسم جي خرابي تي کيس سفر کان روڪيو ويو. ايف آءِ اي وڪيل چيو ته کين شهباز شريف ۽ حمزا جي حاضري معافي تي ڪو اعتراض ناهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ضمانت منظور ٿيندي ئي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته جوابدار ملڪ مقصود جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جوابدار جي موت جي تصديق ٿي وئي آهي. شنوائي دوران ايف آءِ اي اشتهاري جوابدار سليمان شهباز جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪيو. پوءِ عدالت ايندڙ شنوائي تي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو ۽ شنوائي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button