پاڪستان

عمران خان آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو: بلاول ڀٽو

تاشقند: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي پاليسي بابت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جون دعوائون رد ڪري ڇڏيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تاشقند ۾ موجود پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته عمران خان اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪندي چئي رهيو آهي ته آمريڪا سان پرڏيهي پاليسي ڪمزور ٿي آهي، ڇا توهان جواب ڏيندئو؟ صحافي جي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي دعوائن ۾ ڪا صداقت ناهي، پنهنجي ماڻهن لاءِ اقتصادي موقعا ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آمريڪا سميت سڀني ملڪن سان معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان حڪومت ۾ هو ته هن آمريڪا سان لاڳاپا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي. هوڏانهن روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري کي اهڙي وقت ۾ ماسڪو جي دوري جي دعوت ڏني آهي جڏهن پاڪستان آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ پنهنجن لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ سفارتي ذريعي ايڪسپريس ٽربيون کي ٻڌايو ته سرگئي لاروف اها دعوت تاشقند ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري سان پنهنجي مختصر غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button