پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڌي جي قتل ڪيس ۾ پي کي عمر قيد جي سزا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن ۾ ڏوھه ثابت ٿيڻ تي خيرپور ميرس جي لقمان ڪالوني جي رهواسي جوابدار غلام حسين لاشاري کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿس هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته اڍائي سال اڳ لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد الھه آباد پاڙي ۾ جوابدار غلام حيدر لاشاري پنهنجي شادي شده ڌيءَ صائما زال زاهد لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ واقعي جو ڪيس الھ آباد ٿاڻي تي سرڪاري مديت ۾ داخل ڪيو ويو هيو. بعد ۾ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button