اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف جي معاشي ٽيم تي سخت ڳڻتي،پي ڊي ايم جو اجلاس طلب

اسلام آباد:پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو ٻن ڏينهن وارو سربراهي اجلاس سڀاڻي اڱاري کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ۽ گڏيل فيصلا ڪيا ويندا. نوازشريف جي هدايت تي ناڻي وارو وزير ۽ معاشي ٽيم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي. ذريعن ٻڌايو ته نوازشريف جي هدايت تي انرجي ٽيم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي. جڏهن ته پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي به اجلاس ۾ شريڪ ٿينديون. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف گذريل اجلاس ۾ معاشي ۽ انرجي ٽيم تي سخت مايوسي ظاهر ڪئي هئي. نوازشريف چيو ته معاشي ٽيم کي زميني حقيقتون سامهون رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن. تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ لنڊن ميٽنگ جي واعدي جي خلاف ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button