بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون،فوتين جو انگ 132 ٿي ويو،سوين گهر پٽ

ڪوئيٽا : ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب فوتي ماڻهن جو انگ 132 ٿي ويو آهي. جڏهن ته سوين گهر به ڊهي پٽ ٿي ويا. ريلوي ٽريڪ کي نقصان رسڻ سان پاڪ ايران مال ڍوئيندڙ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي. قومي شاهراهه کي نقصان ٿيڻ سان بلوچستان مان ڪراچي ويندڙ ميون ۽ ڀاڄين جي روانگي معطل ٿي وئي. لسٻيلا، جهل مگسي ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ فوج ۽ ٻين ادارن جو ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري رهيو. موسميات کاتي مطابق ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڄ به برسات وسڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ آهي ته متاثرن جي نقصان جو ازالو ۽ کين جلد بحال ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button