پاڪستانخيبرپختونخوا

عمران کان حڪومت نه وٺون ها ته اڄ ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ها:فضل الرحمان

پشاور: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته وچ اوڀر جي هڪ ملڪ سي پيڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ عمران خان کي اسپانسر ڪيو. جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت نه وڃي ها ته اڄ پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ها. ڪالهه پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان گوادر بندرگاهه جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. عمران خان اهڙي دلدل ۾ ڦاسائي ويو آهي، جنهن مان نڪرڻ آسان ناهي، کيس ووٽ ڏيڻ ملڪ جي تباهي ۾ شريڪ ٿيڻ آهي. آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي اثر مان نڪرڻ لاءِ پهريون قدم سي پيڪ هو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت نه وڃي ها ته اڄ پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ها، عدم اعتماد کان اڳ حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جي فيصلي ۾ نواز شريف شامل هو، اختلاف جي جنهن ڌٻڻ ۾ عمران خان ڦاسايو، ان مان نڪرڻ سولو ناهي. سندس چوڻ هو ته اڱاري ۽ اربع تي حڪمران اتحاد جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ معاشي استحڪام جا فيصلا ٿيندا، اسٽيبلشمينٽ، بيورو ڪريسي ۽ ٻين کي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻو پوندو، طاقتور کي عقل ناهي ۽ عقلمند وٽ طاقت ناهي، پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ ملڪ کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button