اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا پوليس پي ٽي آئي جي فورس بڻجڻ بدران آئيني ڪردار ادا ڪري:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي پهاڙ پور ۾ پوليس پاران شهرين تي فائرنگ ۽ شيلنگ جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ ٽن ڳوٺن جي ماڻهن جي گڏجڻ تي پوليس جي ڪارروائي کلي غنڊاگردي آهي. هن چيو ته عوام جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي احمد ڪريم ڪنڊي ۽ ميئر الطاف شاهه جي موجودگي ۾ پوليس جي ڪارروائي ظاهر ۾ سياسي انتقام آهي. خيبرپختونخوا پوليس فائرنگ ۽ شيلنگ سان ٽن شهرين کي زخمي ڪري پاڻ قانون جا بکيا اڍيڙيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس پي ٽي آئي جي ٽائيگر فورس بڻجڻ بدران پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري. ڊيرا اسماعيل خان واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي غير قانوني قدمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button