پاڪستانپنجاب

بجلي جي بل ۾ فڪسڊ ٽيڪس واپس ورتو وڃي:مريم نواز

لاهور : ن ليگ نائب صدر مريم نواز ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي واپارين کان بجلي جي بل ۾ فڪسڊ ٽيڪس واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته مفتاح ڀاءَ بجلي جي بل تي ٽيڪس واپس وٺو، واپاري ڀائر پريشان آهن ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. هن اميد جو اظهار ڪيو ته توهان ڪو حل ڪڍندئو. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ واپاري بجلي بلن ۾ فڪسڊ ٽيڪس وصولي خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ انهن بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button