سنڌ

سينيئر صحافي ۽ محقق اختر بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ملڪ جو ناميارو صحافي، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف، تجزيه نگار ۽ محقق اختر حسين بلوچ مختصر علالت کان پوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو ڪراچي جي گارڊن ايسٽ واري علائقي ۾ واقع پنهنجي گهر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب اٽڪل 55 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز علائقي جي فقيري مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪراچي سميت ميرپور خاص جي صحافين، دوستن ۽ مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن بعد سوين آلين اکين سان مرحوم جي مڙهه کي ميوه شاه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم اختر بلوچ صحافت جي شروعات ميرپور خاص کان ڪئي، جنهن بعد هن ڪيترائي سال حيدرآباد ۾ به صحافت ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچي منتقل ٿي ويو، جتي هن ڊان ۾ بلاگ لکي وڏي مشهوري ماڻي. بعد ۾ انهن بلاگن کي ڪرانچي والا جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏني .مرحوم اردو ادب جو انتهائي ڄاڻو هئو ۽ ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين ۾ وزٽنگ پروفيسر طور تي اردو ادب پڙهائيندو هو. اختر بلوچ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جي صحافتي برادريءَ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، اختر بلوچ جي وڇوڙي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي ، خزانچي وحيد راڄپر ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن دلي ڏک جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي درجات کي بلند فرمائي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سينئر صحافي اختر بلوچ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم اختر بلوچ جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. هوڏانهن پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو سينئر صحافي، محقق ۽ تجزيه نگار اختر بلوچ جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته مرحوم اختر بلوچ محنتي صحافي ۽ زنده دل انسان هو. هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان اختر بلوچ جي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ٻئي طرف ڪراچي پوليس جي چيف جاويد عالم اوڍو پڻ اختر بلوچ جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته صحافت جي شعبي ۾ مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هوڏانهن وفاقي وزير شازيه عطا مري اڄ سينيئر صحافي ۽ ليکڪ اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو آهي ته سينيئرصحافي اختر بلوچ جي لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ هڪ روشن باب جو خاتمو ٿيو آهي ۽ سندس ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button