سنڌ

غازي ڳوٺ تي ڪاهه خلاف سوين ماڻهن جي ريلي

ڪراچي جي علائقي غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي مسمار ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ماروئڙا ڳوٺ کان سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ غازي ڳوٺ جي احتجاجي ڪئمپ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن سميت پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، جماعت اسلامي اڳواڻ اسدالله ڀٽو، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، سنڌ عوامي سٿ جي مهر ڊٻائي، مشتاق سرڪي، سنڌ سجاگي فورم جي سارنگ جويو، دانشور تاج جويو، وي ايم پي ڪنوينر سورٺ لوهار سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف 3 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ڪمداري ڪندڙ سنڌ پوليس روينيو اختياريون ۽ ملوث ادارا سڄي سنڌ کي غازي ڳوٺ جيان بيروت بڻائڻ چاھن ٿين ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪنهن به صورت ۾ زرداري مافيا جي قبصاگير برگيڊ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته زرداري مافيا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مختلف وقتن تي قبضا ڪندي رهي آهيئ نوابشاهه ۾ اٺ سو ايڪڙن تي ڪيل سندس قبضي کي اتان جي شعور سان خالي ڪرايو، سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي وارثي ڪنداسين پ پ پ جي حوالي وڏيرن جي ڳالهين ۾ نه اچجو. زرداري مافيا مان جان ڇڏائڻ تائين خاموش نه ويھنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي رڳو عوام بجا ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي، انهن کي سنڌ جي وسيلن کانسواءِ عوام جو ڪو به درد ڪونهي، بلاول ڪاڪا جو قتل هجي يا ٻيو ڪيو سانحو هجي، هو خاموش رهن ٿا، غازي ڳوٺ تي ٿيل بربريت کي ڪنهن صورت قبول ڪو نه ڪنداسين، جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسدالله ڀٽو چيو تہ وقت اچي ويو آهي تہ سنڌ تان زرداري مافيا جي قبضو ختم ڪرائي عوام کي حقيقي جمهوريت ڏانهن وٺي هلجي.پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته سسٽم جي نالي ڪرپٽ پوليس آفيسر، روينيو عملدار سميت لاڳاپيل ادارا زرداري جي ڪمداري پيا ڪن. زرداري اقتدار جي حوس ۾ سنڌ ۽ قوم کي نيلام پيو ڪري، غازي ڳوٺ سميت سموري سنڌ تي زرداري مافيا قبضو ڪري ويٺل آهي، وقت اچي ويو آهي ته انهن مان جان ڇڏيون. هن چيو تہ افغانين سميت ڌارين کي زرداري سنڌ ۾ رهائڻ لا تيار آهي پر ڌرتي ڌڻين کي برداشت ڪرڻ لا تيار ناهي، جنهن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريندس. ان موقعي تي ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ محبوب عباسي، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، الاهي بخش بڪڪ، مشتاق سرڪي، تاج جويو، سارنگ جويو، مهر ڊٻائي چيو ته اها پهرين ڪاهه ناهي، ان کان اڳ به ڌرتي ڌڻين تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. اسين مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت غازي ڳوٺ جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏئي ڳوٺاڻن ۽ اڳواڻن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري.ريلي ۾ ايس يو پي ليديز ونگ جي اڳواڻ شيبا مغل، رخسانا هاليپوٽو، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ افروزڪٽپر، شهربانو راهوجو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سهڻي جويو سميت علائقي واسي عورتن ڀرپور شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button